Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:8
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو.


تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،


۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو.


۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.


تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.


۽ جڏهن هو اوهان کي چون تہ جنن ۽ ڏائڻن کي ڳوليو، جي چر چر ۽ ڀڻ ڀڻ ٿا ڪن؛ تڏهن اوهين چئجو تہ اُمت کي مناسب ناهي ڇا تہ پنهنجي خدا کي ڳولين؟ جيئرن جي بدران مئن کي ڇو ڳوليون؟


جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو، ۽ مصر جي ملڪ تي ڏيڏر آندائون.


تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو.


۽ صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو، ۽ انهن ڏانهن نهاريائين، تڏهن اهي غمگين نظر آيس.


ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”آئون ڏاهن جي ڏاهپ چٽ ڪندس، ۽ سياڻن جي سياڻپ رد ڪندس.“


۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.


۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو.


مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.


۽ آءٌ داني ايل بيهوش ٿي ويس، ۽ ڪي ڏينهن بيمار پيو هوس؛ ۽ پوءِ اُٿيس ۽ اُٿي بادشاهہ جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳس: مون کي اُنهي رويا تي حيراني لڳي، پر ڪنهن بہ ان کي نہ سمجهيو.


هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛


۽ مصر جو روح ان جي اندر ۾ نابود ڪيو ويندو؛ ۽ ان جي صلاح مصلحت ناس ڪري ڇڏيندس: ۽ هو بتن کي، ۽ منڊ هڻڻ وارن کي، ۽ جناين کي، ۽ ڏائڻن کي ڳوليندا وتندا.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.


۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.


۽ اهي سنهڙا سنگ، هنن ٿلهن ۽ ڀريل سنگن کي ڳڙڪائي ويا. تڏهن فرعون جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ هي خواب هو.


۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين.


۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون.


تنهنڪري مون حڪم جاري ڪيو، تہ بابل جا سڀ ڏاها ماڻهو مون وٽ وٺي اچو تہ اُهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ڪري ٻڌائين.


اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.


۽ اهي سنهڙا سنگ، انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا: ۽ مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي، پر ڪوبہ ڪونهي جو مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهائي سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ