Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:57 - Sindhi Bible

57 پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

57 پوءِ تہ سڄيءَ دنيا جا ماڻهو اناج خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا، ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا ۾ سخت ڏڪار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:57
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ ڏڪار جا ست ورهيہ شروع ٿيا، جيئن ڪ يوسف چيو هو: ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو؛ پر مصر جي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو.


تنهن وقت ساريءَ زمين تي ڏڪار هو: ۽ مصر جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار وڌڻ لڳو؛ تڏهن يوسف اَن جا سڀيئي انبار کولايا، ۽ مصرين کي اَن وڪڻڻ لڳو.


جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ اوهين ڇو ويٺا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو؟


پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.


۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو.


هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو.


۽ جيڪو اَن ماڻهن خريد پئي ڪيو، تنهن جي عيوض، جيترو پيسو مصر جي ملڪ ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ هو، سو سڀ يوسف گڏ ڪري فرعون جي گهر ۾ کڻي آيو.


باقي اوهان برابر مون سان برائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر خدا کي انهيءَ مان ڀلائي ڪرڻي هئي، ۽ ائين ئي ڪرڻو هوس، جيئن اڄ ٿيو آهي، جو گهڻن ماڻهن جي حياتي بچي پيئي.


ائين نہ ٿئي تہ جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ جنهن ملڪ جو خداوند انهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگهيو، ۽ خداوند کي انهن سان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي آيو تہ بيابان ۾ انهن کي قتل ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ