Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 41:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ هيئن ٿيو جو ٻن سالن کان پوءِ فرعون خواب لڌو، ۽ ڏٺائين تہ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مصر جي بادشاهہ فرعون هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو تہ هو پاڻ نيل نديءَ جي ڪپ تي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 41:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا رات جي وقت خواب ۾ ابي ملڪ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ جيڪا زال تو پاڻ وٽ گهرائي آهي، تنهن جي ڪري تون پاڻ کي مئل سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُها ٻئي ماڻهوءَ جي زال آهي.


اتي هن هڪڙو خواب لڌو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي ٿي رکي آهي، ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي؛ ۽ ڏسي تہ خدا جا فرشتا انهيءَ تي پيا لهن چڙهن.


تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.


سو هو پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي ڀڄي ويو ۽ درياهہ اُڪري، جلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.


انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.


پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ، جي ٻئي قيد ۾ بند هئا، تن ٻنهي ساڳيءَ رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي.


۽ ڏسو، اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو انهن ٻنهي معجزن تي اعتبار نہ ڪندا ۽ تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندا، تہ تون درياهہ جو پاڻي کڻي سڪيءَ زمين تي هارج، ۽ جيڪو پاڻي تون درياهہ مان ڪڍندين، سو سڪيءَ زمين تي رت ٿي پوندو.


۽ سمنڊ مان پاڻي گهٽ ٿي ويندو، ۽ ندي سڪي خالي ٿي ويندي.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


۽ مصر جي زمين ويران ۽ سُڃ ٿي پوندي؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ندي منهنجي آهي ۽ مون اُها جوڙي آهي.


۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.


ڇالاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، سو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان تون نڪري آيو آهين، اتي تو ٻج پوکي، انهي کي ڀاڄين جي باغ وانگر پنهنجي پير سان پاڻي ٿي ڏنو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ