Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 4:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي چيو تہ ”هل تہ ٻنيءَ تي هلون.“ جڏهن اهي ٻنيءَ ۾ پهتا تہ قابيل پنهنجي ڀاءُ تي حملو ڪري کيس ماري وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 4:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آدم وري پنهنجيءَ زال وٽ ويو؛ ۽ هن کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو سيت رکيائين: ۽ هوءَ چوڻ لڳي تہ هابل جي بدران، جنهن کي قائن قتل ڪيو هو، خدا مون کي ٻيو پٽ ڏنو آهي.


۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو.


۽ جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب هن کي هڪ پاسي دروازي جي وچ ۾ وٺي ويو، انهي لاءِ تہ هن سان خلاصو ڳالهائي، ۽ اُتي هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيائين، جو هو مري ويو، ۽ هن پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض ۾ ائين ڪيو.


هاڻي جڏهن يهورام پنهنجي پيءُ جي بادشاهت تي قائم ٿيو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪيائين، تڏهن هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي، ۽ اسرائيل جي ٻين ڪيترن سردارن کي بہ ترار سان قتل ڪيو.


تڏهن سنبلط، ۽ جشم، مون کي چوائي موڪليو تہ اچ تہ اونو جي ميدان ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ گڏجون. پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو.


پوءِ يقين آهي تہ تون پنهنجو منهن داغ کان سواءِ مٿي ڪندين؛ هائو، تون قائم رهندين ۽ ڊڄندين ڪين:


اي خدا، تون ضرور بڇڙن کي قتل ڪندين: سو اي خوني ماڻهو مون وٽان هليا وڃو.


انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛


انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.


يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو.


پر يسوع چيس تہ اي يهوداهہ، تون ابن آدم کي چُمي ڏيئي ٿو جهلائين ڇا؟


ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.


۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ