پيدائش 4:7 - Sindhi Bible7 جيڪڏهن تون چڱو ڪرين، تہ جيڪر قبول نہ پوين ڇا؟ پر جي تون چڱو نٿو ڪرين تہ گناهہ تنهنجي دروازي تي ڇپ هڻي ويٺو آهي: ۽ تنهنجي خواهش اٿس، پر تون مٿس غالب پئُہ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 جيڪڏهن تون صحيح ڪم ڪرين ها تہ آءٌ تنهنجو نذرانو قبول ڪريان ها. پر جيئن تہ تو صحيح ڪم نہ ڪيو آهي، سو خبردار متان تون هاڻي گناهہ ۾ ڦاسي پوين. گناهہ تو کي جھڪائڻ چاهي ٿو پر تون ضرور مٿس غالب پئُہ.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.