Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 4:5 - Sindhi Bible

5 پر قائن ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قائن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر قابيل ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قابيل کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن ڦري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 4:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.


۽ چيائين تہ آءٌ اوهان جي پيءُ جو رخ ڏسان ٿو تہ مون ڏانهن اڳئين جهڙو نہ آهي؛ پر منهنجي پيءُ جو خدا مون ساڻ آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي ڳالهہ ٻڌي، جنهن چيس تہ تنهنجي غلام مون سان هيئن ڪيو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس.


جو تون پنهنجو روح ڦيرائي خدا جي برخلاف ڪرين ٿو، ۽ اهڙيون ڳالهيون پنهنجي واتان ٿو ڪڍين.


ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو.


شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛


ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي.


خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


هنن جي چهري جو ڏيک هنن تي شاهدي ٿو ڏئي؛ ۽ هو سدوم وانگي پنهنجو گناهہ ظاهر ڪري ٻڌائين ٿا ۽ لڪائين نٿا. افسوس آهي هنن جي روح تي: ڇالاءِ جو هنن پاڻ پنهنجي سر تي خرابي آندي آهي.


تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ