Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 4:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هابيل بہ پنهنجي رڍن جا پهريتا ڦر آڻي نذرانو ڏنا. خداوند هابيل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 4:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو،


۽ اوهين پنهنجي معبود جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيو، ۽ آءٌ خداوند جو نالو وٺي اُنهيءَ کي سڏيندس: پوءِ جيڪو خدا باهہ جي رستي ورندي ڏئي، اُهوئي خدا آهي. ۽ ساريءَ قوم ورندي ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ پوري آهي.


تڏهن خداوند جي باهہ لهي آئي ۽ سوختني قرباني، ۽ ڪاٺين، ۽ پٿرن، ۽ مٽيءَ کي ساڙي ويئي، ۽ جيڪو پاڻي کڏ ۾ هو تنهن کي بہ چٽي ويئي.


پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.


هاڻي جڏهن سليمان دعا گهري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ هيٺ لهي آئي ۽ سوختني قرباني ۽ ٻيون قربانيون ساڙي ڇڏيائين؛ ۽ خداوند جي جلال گهر کي ڀري ڇڏيو.


شل تنهنجا سڀ نذرانا ياد رکي، ۽ تنهنجون سوختني قربانيون قبول ڪري؛


تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا.


خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.


تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.


سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي.


پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.


ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو.


۽ آئون ايترو بہ چئي سگهندس تہ شريعت موجب سڀ شيون رت سان پاڪ ٿيون ٿين، ۽ رت وهائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


تڏهن خداوند جي فرشتي، جيڪا لٺ سندس هٿ ۾ هئي، تنهن جي چهنب ڊگهيري انهي گوشت، ۽ فطيري مانين کي لاتائين؛ تہ ٽڪر مان باهہ نڪري آئي، ۽ اُهو گوشت ۽ اُهي فطيري مانيون کائي ويئي؛ ۽ خدا جو فرشتو هن جي نظر کان غائب ٿي ويو.


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ