Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 38:2 - Sindhi Bible

2 اُتي هن هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي، جنهن جو نالو سوع هو. ۽ هن انهيءَ سان شادي ڪئي، ۽ ساڻس ستو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي هن سوع نالي هڪڙي ڪنعانيءَ جي ڌيءَ ڏٺي. يهوداہ انهيءَ سان شادي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 38:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند، جو آسمان ۽ زمين جو خدا آهي، تنهن جو آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان، تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو، تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائج.


سو اسحاق، يعقوب کي سڏي، کيس برڪت ڏني ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنعان جي ڇوڪرين منجهان ڪنهن سان بہ شادي نہ ڪج.


جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.


۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.


تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.


تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.


۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


يهوداہ جا پٽ؛ عير ۽ اونان ۽ سيلہ؛ جي ٽيئي هن کي ڪنعانڻ بت سوع مان ڄاوا هئا. ۽ يهوداہ جو پهريون ڄاول پٽ، عير، خداوند جي نظر ۾ شرير هو؛ ۽ هن انهيءَ کي ماري وڌو.


يهوداهہ جا پٽ عير ۽ اونان: ۽ عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.


بي دينن سان تعلق پيدا نہ ڪريو، ڇالاءِ جو راستبازيءَ ۽ بدڪاريءَ جي وچ ۾ ڪهڙي شراڪت آهي؟ يا روشنيءَ جو اونداهيءَ سان ڪهڙو واسطو آهي؟


۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو، ۽ چيائين تہ مون تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺي آهي: تنهنڪري هاڻي انهيءَ کي وٺي مون سان پرڻايو.


پوءِ سمسون غزہ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙي ڪسبياڻي ڏٺائين، ۽ هو وٽس ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ