Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 32:2 - Sindhi Bible

2 ۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 32:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا.


۽ ابنير بن نير، ۽ اشبوست بن سائول جا نوڪر محنايم مان نڪري جبعون ڏي ويا.


هاڻي ابنير بن نير، سائول جي سپهہ سالار سائول جي پٽ اشبوست کي وٺي محنايم ۾ آندو؛


۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس.


۽ اليشع دعا گهُري ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون هن جون اکيون کول تہ هو ڏسي. ۽ خداوند انهيءَ جوان ماڻهوءَ جون اکيون کوليون ۽ هن ڏٺو: ۽ ڏس، اُهو جبل اليشع جي چوڌاري گهوڙن ۽ باهہ جي رٿن سان ڀريل هو.


۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.


اي خداوند جا لشڪر، اوهين جي سندس خدمت ڪرڻ وارا آهيو ۽ هن جي مرضيءَ تي ٿا هلو، سي خداوند کي مبارڪ چئو.


هن جا سڀ فرشتا، اوهين سندس تعريف ڪريو: هن جا سڀ لشڪر، اوهين سندس تعريف ڪريو.


اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ لشڪرن جو خداوند، اُهوئي جلال وارو بادشاهہ آهي.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا تن جي چوڌاري سندس فرشتو تنبو ٿو هڻي، ۽ اُنهن کي ڇڏائي ٿو.


اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟


تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.


۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو،


۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛


۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ