9 تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟
9 پر خداوند خدا آدم کي سڏي چيو تہ ”تون ڪٿي آهين؟“
تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.
۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان.
پوءِ هنن چيس تہ تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ اِجها تنبوءَ ۾ آهي.
تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ تنهنجو ڀاءُ هابل ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جو نگهبان آهيان ڇا؟
پر هو اندر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيٺو، ۽ اليشع هن کي چيو تہ اي جيحازي، تون ڪٿان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.