Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهيءَ شام هنن باغ ۾ خداوند خدا جي گھمڻ جو آواز ٻڌو ۽ وڻن ۾ وڃي پاڻ کي انهيءَ کان لڪايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو.


هن چيو تہ مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو ۽ ڊڄي ويس، ڇو تہ آءٌ اُگهاڙو هوس؛ تنهنڪري پاڻ کي لڪايم.


گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو.


جيڪڏهن آدم وانگر مون پنهنجا گناهہ ڍڪيا، جو پنهنجو ڏوهہ پنهنجي دل ۾ لڪايم:


تڏهن خداوند ايوب کي واچوڙي منجهان ورندي ڏئي چيو تہ،


خداوند جون اکيون سڀ ڪنهن هنڌ آهن، ۽ بڇڙن توڙي چڱن تي نظر ٿيون رکن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


آون جا مٿانهان مڪان، جي اسرائيل جو گناهہ آهن، سي بہ ناس ڪيا ويندا: هنن جي قربانگاهن تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا: ۽ هو جبلن کي چوندا تہ اسان کي ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ اسان تي ڪِري پئو.


۽ آءٌ اوهان جي وچ ۾ رهندس، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس، ۽ اوهين منهنجي اُمت ٿيندا.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي بچائڻ لاءِ، ۽ تنهنجي دشمن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ، تنهنجيءَ ڇانوڻيءَ ۾ پيو گهمي؛ تنهنڪري تون پنهنجيءَ منزلگاهہ کي پاڪ رکج: متان هو تو ۾ گندگي ڏسي، ۽ توکان منهن ڦيرائي هليو وڃي.


ڪڏهن ڪنهن قوم تو وانگر باهہ جي وچ مان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيئري رهي آهي؟


تنهنڪري هاڻي اسين ڇو پنهنجي جان وڃايون؟ ڇالاءِ جو هيءَ وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪندي: جيڪڏهن اسين وري خداوند اسان جي خدا جو آواز ٻڌنداسين، تہ اسين مري وينداسين.


اهڙي ڪابہ مخلوق ڪانهي جا هن کان ڳجهي آهي؛ بلڪ جنهن سان اسان جو واسطو آهي، انهي جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ