Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيئن ئي انهن کاڌو تہ کين سمجھہ اچي ويئي ۽ محسوس ڪيائون تہ ”اسين اگھاڙا آهيون.“ سو هنن انجير جي پنن کي پاڻ ۾ ڳنڍي پنهنجي لاءِ لانگوٽا ٺاهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.


بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو سامريہ ۾ آيا تڏهن اليشع چيو تہ اي خداوند، هنن ماڻهن جون اکيون پٽ تہ هي ڏسن. ۽ خداوند اُنهن جون اکيون پٽيون ۽ اُنهن ڏٺو، ۽ ڏس، هو سامريہ جي وچ ۾ هئا.


ڇالاءِ جو کٽولو اهڙو ننڍو آهي جو ان تي ماڻهو ٽنگون ڊگهيون ڪري نہ سگهي، ۽ سوَڙ اهڙي سوڙهي آهي جو ان ۾ ماڻهو پاڻ کي ويڙهي نہ سگهي.


تنهنجي اوگهڙ پڌري ٿيندي، هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي: آءٌ وير وٺندس، ۽ ڪوبہ ماڻهو قبول نہ ڪندس.


انهن جي ڄارن مان ڪپڙا نہ ٺهندا، نڪي هو پاڻ کي پنهنجن ڪمن سان ڍڪيندا: انهن جا ڪم بدڪاريءَ جا آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ ظلم جو ڪم آهي.


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


۽ مئلن جي عالم ۾، جتي هو عذابن منجهہ هو، اُتي هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ پريان ابراهيم ۽ سندس هنج ۾ لعزر ڏسڻ ۾ آيس.


۽ بدن جا اُهي عضوا، جن کي اسين ٻين کان گهٽ ٿا سمجهون، تن جو تمام گهڻو قدر ٿا ڪريون، ۽ اسان جا بي زيبا عضوا تمام گهڻي زيب وارا ٿا ٿين،


ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين:


تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ