Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 3:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند خدا جيڪي بہ جھنگلي جانور پيدا ڪيا هئا، نانگ تن سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن عورت کان پڇيو تہ ”ڇا سچ پچ خدا اوهان کي باغ ۾ ڪنهن بہ وڻ جي ميوي کائڻ کان جھليو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 3:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جيڪڏهن هو کڻي ڪرن تہ هڪڙو پنهنجي ٻئي سنگتيءَ کي تہ کڻندو: پر افسوس انهي تي جو اڪيلو آهي ۽ ڪري ٿو، ۽ ٻيو ڪوبہ کڻڻ وارو ڪونہ اٿس.


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.


جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“


۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.


۽ انهي ۾ ڪوبہ عجب ڪونهي؛ ڇالاءِ جو شيطان بہ هڪڙي نوراني ملائڪ جهڙي شڪل اختيار ٿو ڪري.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.


۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ انهي ازدها يعني قديمي نانگ کي، جو شيطان ۽ ابليس آهي، پڪڙي هزار ورهين لاءِ ٻَڌو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ