نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج.
تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي: