Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 26:2 - Sindhi Bible

2 ۽ خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مصر ڏانهن نہ وڃ، پر جنهن ملڪ بابت آءٌ توکي چوان تنهن ۾ رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خداوند اسحاق کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”مصر ڏانهن نہ وڃ پر جنهن ملڪ لاءِ آءٌ تو کي چوان انهيءَ ۾ رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 26:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس:


تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.


پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس.


وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني.


۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.


تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.


۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين.


تڏهن آءٌ پنهنجو عهد ياد ڪندس، جيڪو عهد يعقوب سان، ۽ اسحاق سان، ۽ ابرهام سان، ڪيو هوم؛ سو ياد ڪندس، ۽ انهي ملڪ کي بہ ياد ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ