Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:9 - Sindhi Bible

9 جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:9
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسان جي پيءُ ابراهيم، پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي قربان ٿي ڪيو، تڏهن هو عملن جي ڪري سچار نہ ٺهرايو ويو ڇا؟


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛


۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


۽ هن کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ وڃي پلاطس حاڪم جي حوالي ڪيائونس.


خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.


تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين.


پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.


۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.


تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.


پوءِ ابرهام پنهنجو هٿ ڊگهيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي.


پوءِ هن ڪاٺيون ٺاهي رکيون، ۽ ڍڳي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن ڪاٺين تي رکيائين. پوءِ چيائين تہ چار مٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ اُهي سوختني قربانيءَ تي، ۽ ڪاٺين تي هاري وجهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ