Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابرهام انهيءَ ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل جو، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ پيدا ٿيا هئا، ۽ جيڪي هن پئسن تي خريد ڪيا هئا، يعني ابرهام سندس گهر جي ماڻهن مان سڀني مردن جي جسم جي کل جو ختنو ڪرايو.


سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.


تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.


ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو.


مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.


جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.


تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.


۽ ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ سڀ ماڻهو گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ اسرائيل جا بزرگ، ماڻهن جي اڳيان ٿي عئيءَ ڏي هليا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ