Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 22:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 22:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا ابرهام کي چيو تہ نہ، تنهنجي زال سارہ تو لاءِ پٽ ڄڻيندي، تون انهي جو نالو اسحاق رکج: آءٌ انهيءَ سان ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس اولاد سان پنهنجو عهد، جو ابدي عهد آهي، سو قائم ڪندس.


تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.


۽ ابرهام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جيڪو سندس لاءِ سارہ جي پيٽان ڄائو هو، اسحاق رکيو.


۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي.


انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ


تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.


جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين.


تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.


تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.


خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟


ڇالاءِ جو خدا جهان کي اهڙو پيار ڪيو، جو پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنائين، تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي، سو برباد نہ ٿئي، پر کيس هميشہ جي زندگي ملي.


پر خدا پنهنجي پيار جي خوبي هن طرح اسان تي ظاهر ٿو ڪري، جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تڏهن مسيح اسان جي خاطر مُئو.


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛


تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس.


۽ انهن ٻن مهينن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي؛ ۽ انهيءَ جيڪا مڃتا مڃي هئي، اُن موجب هن سان ڪيائين: ۽ هوءَ ڪنهن مرد کي نہ ڄاڻندي هئي. ۽ بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ