Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.


۽ خداوند خدا چيو تہ ڏسو انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جهڙو ٿي پيو آهي؛ هاڻي ائين نہ ٿئي جو پنهنجو هٿ ڊگهيري زندگيءَ جي وڻ مان بہ ڪجهہ ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.


سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.


پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو.


بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.


سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.


جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي.


جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.


عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.


۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.


زندگيءَ جي ماني آئون آهيان.


هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي.


۽ جيڪڏهن اسين خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هنن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ راستبازي ليکي ويندي، جيئن ڪ هن اسان کي فرمايو آهي.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ