Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:8 - Sindhi Bible

8 ۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.


تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.


سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.


سو قائن خداوند جي حضوريءَ مان نڪري ويو ۽ عدن جي اڀرندي پاسي نود جي ملڪ ۾ وڃي رهيو.


غير قومن جي معبودن اُنهن کي ڪو ڇڏايو ڇا، جن کي منهنجي ابن ڏاڏن چٽ ڪيو آهي، يعني جوزان، ۽ حاران، ۽ رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا؟


ڇالاءِ جو خداوند صيون کي تسلي ڏني آهي: ۽ هن اتي جي سڀني ويران جاين کي تسلي ڏني آهي، ۽ انهي جي بيابانن کي عدن جهڙو ڪيو اٿس، ۽ انهي جي رڻ پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪيو اٿس؛ انهي ۾ خوشي ۽ سرهائي، ۽ شڪرگذاري، ۽ ڳائڻ جو آواز موجود رهندو.


حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا.


تون خدا جي باغ عدن ۾ هئين؛ سڀ قيمتي پٿر تو ٿي ڍڪيا، ياقوت، پکراج، هيرا، فيروزا، سليماني پٿر، يشب، نيلم، زمرد، ۽ لعل ۽ سون: تنهنجي ڍولڪن ۽ بنسرين جي ڪاريگري تو ۾ هئي؛ جنهن ڏينهن تون خلقيو ويو هئين، انهي ڏينهن اُهي بہ تيار ڪيون ويون هيون.


مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.


عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.


هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ