Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:7
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين.


پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو.


تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.


تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.


۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا.


(اڃا تائين منهنجي حياتي مون ۾ ثابت آهي؛)


خدا جي روح مونکي جوڙيو آهي، ۽ قادر مطلق جي دم مون کي حياتي ڏني آهي.


ڏس آءٌ خدا جي حضوريءَ ۾ تنهنجي برابر آهيان: آءٌ بہ مٽيءَ مان جڙيل آهيان.


تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون!


اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين.


ماڻهوءَ جو روح خداوند جو ڏيئو آهي، جو سڀني اندرين ڳجهن حصن جي جاچ ڪري ٿو.


۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.


ڦاڙڻ لاءِ وقت، ۽ سبڻ لاءِ وقت؛ ماٺ ڪرڻ لاءِ وقت، ۽ ڳالهائڻ لاءِ وقت؛


انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟


پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون.


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون.


آءٌ اوهان تي نسون رکندس، ۽ اوهان تي ماس چاڙهيندس، ۽ اوهان کي کل سان ڍڪيندس، ۽ اوهان ۾ ساهہ وجهندس ۽ اوهين زندہ ٿي پونديون، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري،


۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو:


نڪي ڪنهن شيءِ جو محتاج آهي، جو ماڻهن جي هٿان خدمت گهُري، ڇوتہ هو پاڻ سڀني کي زندگي ۽ ساهہ ۽ سڀ ڪجهہ ٿو ڏئي؛


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


لکيل بہ ائين آهي، تہ ”پهريون ماڻهو، يعني آدم، جيئري جان ٿيو؛“ پويون آدم جياريندڙ روح ٿيو.


پهريون ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو ۽ مٽي آهي، ٻيو ماڻهو آسمان مان آهي.


پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


ڇالاءِ جو پهريائين آدم جُڙيو ۽ پوءِ حوا؛


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ