Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:5 - Sindhi Bible

5 اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو.


تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.


جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.


پوءِ قائن جو ڀاءُ هابل ڄائو؛ هابل ريڍار هو ۽ قائن هاري هو.


جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو:


هو ڍورن لاءِ گاهہ، ۽ انسانن جي ڪم لاءِ ڀاڄي ٿو اُڀرائي؛ تہ زمين مان خوراڪ پيدا ڪري.


هو زمين جي ڇيڙن کان بخار جا بادل ٿو اُٿاري؛ ۽ مينهن لاءِ وڄ پيدا ٿو ڪري؛ ۽ واءُ کي پنهنجي خزانن مان ٿو ڪڍي.


هن پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا قائم ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سمجهہ سان هن آسمان پکيڙيا آهن:


جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.


غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


جيڪا زمين مينهن جو پاڻي وري وري ٿي پيئي، ۽ جيڪي منجهس پوک ٿا ڪن، تن لاءِ ڀاڄيون ڀتيون پيدا ٿي ڪري، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿي ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ