Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:4 - Sindhi Bible

4 هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:4
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.


۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.


۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.


۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو.


نوح جي پٽن سم، حام ۽ يافت جو نسب نامو هن ريت آهي: طوفان کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.


سم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن سم هڪ سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن طوفان کان ٻہ سال پوءِ هن مان ارفڪسد پيدا ٿيو.


۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.


هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي.


هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو.


هاڻي عيسو (يعني ادوم) جو نسب نامو هن ريت آهي.


۽ شعير جبل وارن ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو نسب نامو هن ريت آهي:


آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛


۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند برابر خدا آهي؛ خداوند برابر خدا آهي.


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، تون آسمان ۾ خدا ناهين ڇا؟ ۽ قومن جي سڀني بادشاهتن تي تون حڪم هلائيندڙ ناهين ڇا؟ ۽ تنهنجي هٿ ۾ اهڙي قدرت ۽ طاقت آهي جو ڪوبہ توکي سامهون ٿي نٿو سگهي.


مينهن کي ڪو پيءُ آهي ڇا؟ يا ڪنهن ماڪ جا ڦڙا ڄڻيا آهن ڇا؟


جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ.


ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي.


ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين.


خداوند جنگي پهلوان آهي، انهيءَ جو نالو خداوند آهي.


لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.


خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.


۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي.


۽ مون پاڻين جي ملائڪ کي هيئن چوندو ٻُڌو تہ اي قدوس، تون جو آهين ۽ جو هُئين، تون عادل آهين، ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ