Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 2:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ڏينهن قرار ڏنائين، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 2:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.


هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.


۽ تو پنهنجو پاڪ سبت انهن کي ڄاڻايو، ۽ پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان هنن کي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ شريعت ڏني.


ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين.


ڇهہ ڏينهن تون ڪم ڪار ڪج، پر ستين ڏينهن آرام وٺج: هر کيڙڻ وقت، ۽ لاباري وقت بہ آرام وٺج.


خداوند جي برڪت دولتمند ڪري ٿي، ۽ هو انهيءَ تي ڏک نٿو وڌائي.


تنهن کانسواءِ مون هنن کي پنهنجا سبت بہ ڏنا، تہ منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهي، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان جو هنن کي پاڪ ٿو ڪريان.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.


۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ:


۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ