Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 18:3 - Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تنهنجي مهر جي نظر مون تي ٿي آهي تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليو نہ وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ۽ چيائين تہ ”سائين، جيڪڏهن مهربانيءَ جي نظر ڪئي اٿوَ تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليا نہ وڃجو. جيئن تہ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو سو مون کي خدمت ڪرڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 18:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو:


۽ هن کي چيائين تہ اي خداوند جا مبارڪ؛ اندر هل، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون گهر، ۽ اُٺن جي واسطي جاءِ، تيار ڪئي آهي.


مون وٽ ڏاند، گڏهہ، ڌڻ، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن، ۽ سائين جن کي منهنجو عرض آهي، تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.


تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي.


آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيستائين آءٌ تو وٽ نہ اچان، ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان، تيستائين تون هتي ترس. ۽ هن چيو تہ جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ترسندس.


تڏهن جدعون ويو ۽ هڪڙو ڇيلو تيار ڪيائين ۽ اٽي جي هڪڙي ايفہ مان فطيري مانيون پچائي کڻي آيو: اُهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪري ۾ وڌو، ۽ شوروو هڪڙي پياليءَ ۾ وڌائين، ۽ اُهو آڻي انهيءَ شاهہ بلوط وٽ هن جي اڳيان رکيائين.


۽ خدا جي فرشتي هن کي چيو تہ اهو گوشت ۽ اهي فطيري مانيون کڻي هن ٽڪر تي رک، ۽ اهو شوروو بہ انهيءَ تي هاري وجهہ: ۽ هن ائين ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ