4 ڏس، منهنجو تو سان عهد آهي، تون گهڻين قومن جو پيءُ ٿيندين.
4 ”تو سان منهنجو عهد هي آهي تہ تون گھڻين ئي قومن جو پيءُ ٿيندين.
آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.
۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.
۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ آءٌ تنهنجو اولاد ايترو وڌائيندس جو شمار کان ٻاهر ٿيندو.
آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.
۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.
شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين.
تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.
۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.
پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون.
۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.