3 تڏهن ابرام جهڪي سجدو ڪيو: ۽ خدا ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ
3 تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس همڪلام ٿي چيو تہ
تڏهن ابرهام جهڪي سجدو ڪيو ۽ کلي دل ۾ چيائين تہ جنهن ماڻهو جي عمر سؤ ورهيہ آهي، تنهن مان ڪو ٻار پيدا ٿيندو، ۽ سارہ جا نوي ورهين جي آهي، سا ڪو ٻار ڄڻيندي؟
۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،
۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو ڏٺو تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند برابر خدا آهي؛ خداوند برابر خدا آهي.
وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.
آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.
تڏهن آءٌ اُٿيس ۽ نڪري ميدان ۾ ويس: تہ ڏسان تہ خداوند جو اهڙو جلال اُتي بيٺو آهي جهڙو جلال ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هوم: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟
انهي هوندي بہ مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو: ۽ جڏهن مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو، تڏهن گهاٽي ننڊ ۾ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ منهنجو منهن زمين ڏانهن هو.
تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.
تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟
اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو.
۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.
۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟
۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،
ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا.