Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 17:2 - Sindhi Bible

2 آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ عهد ڪندس ۽ توکي گهڻو وڌائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 17:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.


انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو.


آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين.


ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛


پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.


اُهو عهد اقرار جو هن ابرهام سان ڪيو، ۽ جو قسم هن اسحاق سان کنيو؛


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ