3 وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو.
آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.
۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.
سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو.
ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي.
ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي.
جيڪو ننڍي هوندي کان پنهنجي نوڪر کي ناز سان پالي ٿو، تنهنجو نيٺ اُهو پٽ ٿي ويهندو.
نفرت جهڙي زال جي ڪري جڏهن اُها پرڻجي ٿي؛ ۽ ٻانهيءَ جي ڪري جا پنهنجي ڌياڻيءَ جي وارث ٿئي ٿي.
مون ٻانها ۽ ٻانهيون خريد ڪيون، ۽ گهر ڄاول ٻانها بہ هئم؛ چوپائي مال جا گهڻا گلا ۽ ڌڻ بہ منهنجي ملڪيت ۾ هئا، جي يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا هئا تن کان وڌيڪ هئا؛
اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟