Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:9 - Sindhi Bible

9 سڄو ملڪ تنهنجي سامهون ڪين پيو آهي ڇا؟ سو تون مون کان ڌار ٿيءُ: جي تون ساڄي پاسي وڃين، تہ آءٌ کٻي وڃان، جي تون کٻي پاسي وڃين تہ آءٌ ساڄي وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.


تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.


۽ ابي ملڪ چيو تہ ڏس منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي وڻيئي اتي رهہ.


اوهين اسان سان گڏ رهو، هي سڄو ملڪ اوهان جي اڳيان پيو آهي؛ ڀلي منجهس رهو ۽ واپار ڪريو ۽ منجهس مال ملڪيت حاصل ڪريو.


آءٌ تہ صلح جو ڪوڏيو آهيان: پر جڏهن آءٌ ڳالهايان ٿو، تہ اهي وڙهڻ ٿا اچن.


۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.


جي ٿي سگهي تہ وس پڄندي سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ ۾ رهو.


پر حقيقت ڪري اها اصل اوهان جي شڪست آهي جو اوهين هڪ ٻئي تي مقدما ٿا ڪريو. انهي کان ظلم سهڻ ڇو نٿا بهتر ڄاڻو؟ ۽ ڦرجڻ ڇو نٿا قبول ڪريو؟


سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ