Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:4 - Sindhi Bible

4 يعني انهيءَ هنڌ جتي هن پهرين قربانگاهہ ٺاهي هئي: اتي ابرام خداوند کان دعا گهري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ جاءِ تي اڳي هن قربان‌گاهہ بہ ٺاهي هئي. اتي هن خداوند جي عبادت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.


پوءِ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين، ۽ اتي پنهنجو تنبو کوڙيائين، ۽ اتي اسحاق جي نوڪرن هڪڙو کوهہ کوٽيو.


۽ سيت جي گهر بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو اُنوس رکيائين: انهي وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جي نالي دعا گهرڻ لڳا.


خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ڪندس، ۽ خداوند جو نالو وٺي دعا گهرندس.


ڇالاءِ جو هن مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏنو آهي، سو جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين کيس پڪاريندو رهندس.


خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛


۽ اوهين مون کي پڪاريندا، ۽ اوهين مون کان دعا گهرندا ۽ آءٌ اها قبول ڪندس.


انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.


خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ