Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:3 - Sindhi Bible

3 جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرهام مان تہ ضرور هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ٿيندي، ۽ زمين جي سڀني قومن کي هن جي وسيلي برڪت ملندي:


ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.


خداوند منهنجي مالڪ کي گهڻي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي: هن کيس ڌڻ، ڍور، چاندي، سون، غلام، ٻانهيون، اُٺ ۽ گڏهہ ڏنا آهن.


۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو.


۽ جيئن اسان توکي هٿ نہ لاتو آهي ۽ نيڪيءَ کان سواءِ تو سان ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو اٿئون، ۽ توکي صحيح سلامت روانو ڪيوسين؛ تيئن تون بہ اسان سان ڪا برائي نہ ڪندين، جو هاڻ تون خداوند جو مبارڪ آهين.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


۽ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ٿيندو، ۽ تون الهندي ڏانهن، ۽ اڀرندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن ۽ ڏکڻ ڏانهن پکڙجي ويندين، ۽ تنهنجي، ۽ تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.


ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ آيس تڏهن اهو ٿورو هو، پر هاڻي وڌي گهڻو ٿيو آهي؛ ۽ منهنجي اچڻ کان پوءِ خداوند توکي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪڏهن ڪندس؟


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


پر جي تون سچ پچ انهي جو چيو مڃيندين، ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سڀ بجا آڻيندين، تہ پوءِ آءٌ تنهنجن دشمنن جو دشمن، ۽ تنهنجن مخالفن جو مخالف ٿيندس.


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.


پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.


۽ کيس ختني جو نشان مليو، تہ انهي ايمان جي راستبازيءَ تي اها مهر ٿئي جو ايمان هن کي بنا ختني واريءَ حالت ۾ هو، انهي لاءِ تہ هو انهن سڀني جو ابو ٿئي، جي بنا ختني جي حالت ۾ آهن تہ بہ ايمان ٿا آڻين، تہ انهن جي لاءِ بہ راستبازي ليکي وڃي؛


اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.


هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي.


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ