Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 11:3 - Sindhi Bible

3 اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 11:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.


تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.


هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.


۽ انهيءَ ۾ جيڪي ماڻهو هئا تن کي ڪڍي ڪرٽن هيٺ، ۽ لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين هيٺ رکيائين، ۽ سرن جي کوري مان لنگهايائين: ۽ هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سڀ ماڻهو موٽي يروشليم ۾ آيا.


اهي بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي همتائين ٿا؛ ۽ ڳجهيءَ طرح ڦندي وجهڻ لاءِ منصوبو ٿا ڪن.


۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.


پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.


جيڪڏهن هو چون تہ اسان سان هل تہ خونريزيءَ جي لاءِ منتظر ٿي ويهون، ۽ سبب کانسواءِ بي گناهہ جي لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ويهون؛


مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي اچ، آءٌ خوشيءَ سان توکي آزمائيندس؛ تنهن ڪري مزا ماڻ: ۽ ڏس اها بہ بيهودگي آهي.


۽ هاڻي ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌائيندس تہ آءٌ پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ڇا ڪندس: آءٌ انهي جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو کاڄي ويندو؛ آءٌ انهي جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس ۽ اهو لتاڙجي ويندو:


بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛


سرون ڪري پيون آهن، پر اسين ٽڪيل پٿرن سان اڏينداسين: گولر جا وڻ وڍجي ويا آهن پر اسين انهن کي بدلائي ديودار ڪنداسين.


حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر.


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:


هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين:


اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ