Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.


تون ئي تون خدا آهين: تو آسمان، ۽ آسمانن جو آسمان، اُن جي سڄي لشڪر سميت، ۽ زمين ۽ ٻيون جيڪي شيون اُتي آهن، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي، سو سڀ تو پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني کي تون ئي قائم رکين ٿو؛ ۽ آسمان جو لشڪر توکي سجدو ڪري ٿو.


هن پاڻيءَ جي سطح تي حد ٻڌي ڇڏي آهي، انهيءَ هنڌ تائين جتي سوجهري ۽ اونداهيءَ پڄاڻي ڪئي آهي.


هو خالي جاءِ تي اُتر کي پکيڙي ٿو، ۽ زمين کي خال تي ٽنگي ڇڏي ٿو.


تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين.


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي گڏي ڍڳ ڪري ٿو رکي: ۽ اونهن پاڻين کي انبار خانن ۾ رکي ٿو ڇڏي.


سمنڊ بہ سندس آهي. ۽ هن انهي کي جوڙيو؛ ۽ سڪي زمين بہ هن جي ئي هٿن تيار ڪئي.


سڀ نديون سمنڊ ۾ پون ٿيون، انهي هوندي بہ سمنڊ ڀرجي نٿو؛ جيڏانهن نديون وڃن ٿيون اوڏانهن وري پيون وڃن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن.


۽ هن انهن کي چيو تہ آءٌ عبراني آهيان، ۽ آءٌ خداوند آسمان جي خدا کان ڊڄان ٿو، جنهن سمنڊ ۽ سُڪي زمين پيدا ڪئي آهي.


پر هيءَ ڳالهہ هو ڄاڻي ٻجهي وساري ٿا ڇڏين، تہ خدا جي ڪلام سان قديم زماني کان آسمان موجود هئا، ۽ زمين بہ پاڻيءَ منجهان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آهي؛


۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ