Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:7 - Sindhi Bible

7 سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهڙيءَ طرح خدا هڪ حد بڻائي، جنهن جي وسيلي هيٺ واري پاڻيءَ کي مٿي واري پاڻيءَ کان ڌار ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.


۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو.


۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو.


۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.


۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.


هو پاڻيءَ کي پنهنجن گهاٽن ڪڪرن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڪڪر انهيءَ هيٺان ڦاٽي نٿو پوي.


هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن:


انهي جو جنهن دانائيءَ سان آسمان جوڙيا: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.


آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن؛ ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري.


ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري.


جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.


۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ