Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:6 - Sindhi Bible

6 ۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻيءَ جي وچ ۾ حد مقرر ٿئي جيڪا پاڻيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي.“ سو ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسمان، جو پلٽيل آرسيءَ جهڙو مضبوط آهي، تنهن کي تون هن سان گڏ پکيڙي سگهندين ڇا؟


هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن:


خداوند جي ڪلام سان آسمان جڙيا؛ ۽ انهن جي ساري خلقت سندس وات جي وائيءَ سان پيدا ٿي.


تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


آسمانن جا آسمان، اوهين سندس تعريف ڪريو، ۽ پاڻي بہ جي آسمان جي مٿان آهيو، اوهين سندس تعريف ڪريو.


اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ


آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن؛ ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري.


۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.


هنن جي روح سان آسمان زينت وٺن ٿا؛ هن جي هٿ تکي ڀڄندڙ نانگ کي ونڌي ڇڏيو آهي.


اوهين خداوند جي تعريف ڪريو، خدا جي پاڪ مڪان ۾ سندس تعريف ڪريو، هن جي قدرت جي آسمان ۾ سندس تعريف ڪريو.


هائو، هو گهاٽن ڪڪرن کي ٻاڦ سان ڍڪي ٿو؛ ۽ پنهنجي روشنيءَ وارن ڪڪرن کي پري پري پکيڙي ٿو:


جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.


۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


پر هيءَ ڳالهہ هو ڄاڻي ٻجهي وساري ٿا ڇڏين، تہ خدا جي ڪلام سان قديم زماني کان آسمان موجود هئا، ۽ زمين بہ پاڻيءَ منجهان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آهي؛


هي اهو ئي آهي جو زمين جي دائري تي ويٺو آهي، ۽ انهيءَ جا رهاڪو تڏين وانگي آهن؛ هو آسمان کي پردي وانگي تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگي انهن کي پکيڙي ٿو،


ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ