Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن خدا حڪم ڏنو تہ ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:3
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.


ڏس، هو پنهنجي روشنائي پنهنجي چوڌاري پکيڙي ٿو؛ ۽ هو سمنڊ جو ترو ڍڪي ڇڏي ٿو.


روشنائيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو رستو ڪٿي آهي، ۽ اونداهيءَ جي ڪهڙي جاءِ آهي؛


تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:


خداوند ئي خدا آهي، ۽ هن اسان کي سوجهرو ڏنو آهي: اوهين قربانيءَ کي قربانگاهہ تي رسين سان ٻڌو، يعني قربانگاهہ جي سڱن سان.


ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي تعريف ڪن: ڇو جو هن حڪم ڏنو ۽ اهي پيدا ٿيا.


خداوند جي ڪلام سان آسمان جڙيا؛ ۽ انهن جي ساري خلقت سندس وات جي وائيءَ سان پيدا ٿي.


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


راستبازن لاءِ روشني، ۽ سچيءَ دل وارن لاءِ سرهائي پوکي ويئي آهي.


آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.


اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو.


سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.


۽ نُور اونداهيءَ ۾ چمڪي ٿو، ۽ اونداهيءَ هن کي قبول نہ ڪيو.


سچو نُور جو هرهڪ انسان کي روشن ٿو ڪري، سو جهان ۾ اچڻو هو.


ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.


۽ عدالت جو سبب هيءُ آهي، جو نُور جهان ۾ آيو، ۽ ماڻهن اوندهہ کي نُور کان وڌيڪ پسند ڪيو، جو سندن ڪم بڇڙا هئا.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“


ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،


بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.


۽ جيڪو پيغام اسان هن کان ٻُڌو، سو هي آهي ۽ اوهان کي ڏيون ٿا، تہ خدا روشني آهي، ۽ منجهس اوندهہ اصل ڪانهي.


وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ