Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 سو جڏهن اسين يسوع مسيح جا آهيون، تڏهن ختنو ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي وشواس ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر پريم رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سو جڏهن اسين عيسيٰ مسيح جا آهيون، تڏهن طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنهن ڪم جو نہ آهي. پر رڳو مسيح تي ايمان ئي ڪم جو آهي، جنهن جو اثر محبت رکڻ مان ظاهر ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوتہ هو اسان جي قوم جو گهڻ گهرو آهي، ۽ پاڻ اسان کي اسان جو عبادتگاهہ جوڙائي ڏنو اٿس.


هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.


ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو.


پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو.


ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.


جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


هاڻي جيڪي ماڻهو نڪري آيا هئا سي سڀ طهريل هئا: پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ