Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:2 - Sindhi Bible

2 ڏسو، آئون پولس اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪو فائدو ڪونہ پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڌيان سان ٻڌو! آءٌ پولس اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهين طهر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ڌيان سان ٻڌو، آءٌ پولس اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪڏھن اوھين طھر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوھان کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.


جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛


پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.


آئون پولس پنهنجي هٿ سان سلام ٿو لکان.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


انهي لاءِ اسان، يعني مون پولس، تہ هڪ ٻہ دفعا اوهان وٽ اچڻ جي خواهش بہ ڪئي؛ پر شيطان اسان کي روڪيو.


آئون پولس پنهنجي هٿ سان ٿو لکان تہ اُهو آئون پاڻ ڀري ڏيندس: ائين چوڻ جو ضرور ئي ڪونهي تہ جيڪو منهنجو لهڻو تو تي آهي سو تون پاڻ آهين.


تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛


ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ