Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:8 - Sindhi Bible

8 انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بيشڪ ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ خدا جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:8
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهان خداوند جي ڪاهنن، هارون جي پٽن کي، ۽ لاوين کي هڪلي نہ ڪڍيو آهي ڇا، ۽ ٻين قومن وانگي پنهنجي لاءِ ڪاهن نہ مقرر ڪيا آهن ڇا؟ ۽ جيڪو هڪڙو جوان ڍڳو ۽ ست گهٽا پاڻ سان وٺي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بنجي، جي خدا ناهن.


تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.


۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اهڙا ڪي معبود جوڙيندو ڇا، جي حقيقت ڪري خدا ناهن؟


ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن.


اُهو دنيا ۾ هو، ۽ دنيا هن کان ئي پيدا ٿي، ۽ دنيا کيس نہ سڃاتو.


۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو.


ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.


۽ غير فاني خدا جي جلال کي فاني انسان، ۽ پکين، ۽ چوپاين، ۽ سُرندڙ جانورن جي شڪل جهڙيءَ صورت ۾ آندائون.


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛


ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


نہ شهوت جي جوش ۾، جيئن ڪ غير قوم وارا ڪندا آهن، جي خدا کي نٿا سڃاڻن؛


۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جا ابا ڏاڏا اڳئين زماني ۾ نديءَ جي هن ڀر رهندا هئا، يعني تارح، ابرهام جو پيءُ، ۽ نحور جو پيءُ: ۽ اُهي ٻين معبودن جي بندگي ڪندا هئا.


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ