Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ ايشور اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ خدا اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تنھنڪري اڳتي اوھين غلام نہ، بلڪ ٻار آھيو. ھاڻي جڏھن تہ ٻار آھيو، تڏھن خدا اوھان کي وارث بہ بڻايو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين.


منهنجو جسم ۽ منهنجي دل لهي ويئي آهي: پر خدا هميشہ جي لاءِ منهنجي دل جو زيور ۽ منهنجي ميراث آهي.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو.


۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو.


تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين ٻانهيءَ جا ٻار نہ آهيون، پر آزاد زال جا آهيون.


جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ