Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 3:2 - Sindhi Bible

2 آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پوِتر آتما اوهان کي خوشخبري ٻڌي وشواس آڻڻ ڪري ملي يا نيم تي عمل ڪرڻ ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ اوهان کان رڳو ايترو پڇڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوهان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت تي عمل ڪرڻ ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 آءٌ اوھان کان رڳو ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوھان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت جي ڪمن ڪرڻ ڪري؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 3:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا، جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن هنن کي بہ اسان وانگر پاڪ روح ڏيئي سندن لاءِ شاهدي ڏني؛


تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.


سي جڏهن اتي اچي پهتا، تڏهن سندن لاءِ دعا گهُريائون تہ کين پاڪ روح ملي؛


ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“


جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.


جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟


انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون.


اوهين اهڙا نادان آهيو ڇا جو روح ۾ شروع ڪري، هاڻي جسم ٿا پڄاڻي ڪريو؟


جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.


ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو هڪ دفعي روشن دل ٿيا، ۽ آسمان واريءَ بخشش جو سواد چکيائون، ۽ پاڪ روح حاصل ڪيائون،


۽ مٿن هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ هنن، اهي ڳالهيون پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي خدمت لاءِ ٿي ڪيون، جن جي خبر هاڻي اوهان کي انهن جي معرفت ملي، جن انهي پاڪ روح جي وسيلي، جو آسمان مان موڪليو ويو هو، اوهان کي خوشخبري ٻُڌائي، ۽ ملائڪ بہ انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ