Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:8 - Sindhi Bible

8 (ڇالاءِ جو، جنهن مختونن جي رسوليت لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير قومن جي لاءِ مون ۾ اثر پيدا ڪيو.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هائو، ايشور جنهن يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هائو، خدا جنهن يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو جنھن خدا يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنھن غير يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ اهو هن خدمت ۽ رسالت ۾ اُها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداهہ خارج ٿيو، ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.


۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.


۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين.


پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.


جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟


انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ