Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:5 - Sindhi Bible

5 اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انهن جي وس هيٺ رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهن جي تابع رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھن جي تابع رھڻ اسان ھڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، تہ جيئن خوشخبريءَ جي سچائي اوھان ۾ قائم رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان.


۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛


پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟


تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


اي پيارو، جڏهن مون اوهان ڏانهن اُنهيءَ نجات بابت لکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسين سڀيئي شريڪ آهيون، تڏهن مون ضروري سمجهيو تہ اوهان کي اها نصيحت ڪريان تہ جيڪو ايمان هڪ ئي ڀيري پاڪ ٿيلن کي سونپيو ويو، تنهن جي لاءِ ڏاڍي جانفشاني ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ