Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 2:16 - Sindhi Bible

16 تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو موسيٰ جي نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ يسوع مسيح تي وشواس آندو تہ جيئن نيم تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي وشواس آڻڻ سبب ايشور ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ نيم تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان ايشور ڏانهن سچار نہ بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 2:16
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ منجهس شريڪ ثابت ٿيان، نہ خود پنهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا شريعت کان آهي، پر اُنهيءَ راستبازيءَ جي ڪري جا مسيح تي ايمان آڻڻ کان ۽ ايمان جي وسيلي خدا کان حاصل ٿي ٿئي.


پنهنجي بندي کي عدالت ۾ نہ آڻ؛ ڇو جو تنهنجيءَ نظر ۾ ڪوبہ ماڻهو سچار ڪين ٺهربو.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ هي، تہ جن غير قومن راستبازيءَ جي ڳولا نہ ڪئي، تن کي اُها ملي، يعني اها راستبازي جا ايمان جي ڪري آهي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ابراهيم عملن جي ڪري راستباز ٺهرايو وڃي ها، تہ فخر ڪرڻ جو سبب هجيس ها، پر خدا جي حضور ۾ نہ.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.


ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ خدا جي راستبازي ايمان جي وسيلي ايمان لاءِ ظاهر ٿي ٿئي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”راستباز ايمان جي ڪري جيئرو رهندو.“


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو.


۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون.


مون تي ڏوهہ ثابت ٿيندو؛ تڏهن ڇالاءِ آءٌ اجائي محنت ڪريان؟


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،


۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ