Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:4 - Sindhi Bible

4 جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 مسيح اسان جي گناهن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو خدا اسان جي پيءُ جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:4
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ نوان آسمان ۽ نئين زمين پيدا ٿو ڪريان: ۽ اڳوڻيون شيون ياد نہ ڪيون وينديون، ۽ نہ دل تي اينديون.


۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.


جهڙيءَ طرح ڪ ابن آدم انهي لاءِ ڪونہ آيو تہ سندس خدمت ٿئي، پر انهي لاءِ تہ پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان قربان ڪري.


ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،


ڇالاءِ تہ سچ پچ ابن آدم انهي لاءِ نہ آيو آهي تہ سندس خدمت ٿئي، پر پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان فدا ڪري.


پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو.


اي بابا، جي تنهنجي مرضي هجي تہ هيءُ پيالو مون کان ٽاري ڇڏ، تنهن هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.


چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.


هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.


آئون پنهنجي سر ڪجهہ ڪري نٿو سگهان: جيئن ٻُڌان ٿو، تيئن ئي عدالت ٿو ڪريان، ۽ منهنجي عدالت سچي آهي، ڇوتہ آئون پنهنجي مرضي نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُران.


ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.


۽ جيڪو دلين جي پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ روح جي نيت ڪهڙي آهي، ڇالاءِ جو هو خدا جي مرضيءَ موجب پاڪ ٿيلن جي شفاعت ٿو ڪري.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


ڇالاءِ جو پهرين مون اوهان کي اُها ڳالهہ پهچائي ڏني جا مون کي بہ ملي هئي، تہ پاڪ لکيت موجب مسيح اسانجن گناهن جي لاءِ مُئو،


ڇالاءِ جو هن دنيا جي سردار بي ايمانن جي دلين کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي؛ انهي لاءِ تہ مسيح، جو خدا جي صورت آهي، تنهن جي جلال جي خوشخبريءَ جي روشني انهن تي نہ پوي.


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛


وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو اسين گوشت ۽ رت سان جنگ نٿا ڪريون، پر رياستن ۽ طاقتن، ۽ انهن اونداهيءَ واريءَ دنيا جي حاڪمن سان، ۽ آسماني جاين وارن خراب روحاني لشڪرن سان ٿا وڙهون.


هاڻي شل اسان جي خدا پيءُ جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛


هاڻي شل اسان جو پيءُ، ۽ اسان جو خداوند يسوع، اوهان تائين اسان جي رهبري ڪري:


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛


جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


ڇالاءِ جو ايندڙ جهان جنهن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي هن ملائڪن جي تابع نہ ڪيو،


۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون،


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ