Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 1:1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس سنت جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ يسوع مسيح ۽ پتا يعني ايشور جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيوت ڪري اٿاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس رسول جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ عيسيٰ مسيح ۽ پيءُ يعني خدا جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط پولس رسول جي طرفان آھي، جيڪو نہ ماڻھن جي پاران نڪي ماڻھن جي وسيلي رسول چونڊيو ويو آھي، پر عيسيٰ مسيح ۽ انھيءَ خدا پيءُ جي طرفان، جنھن مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 1:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان.


تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.


تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:


ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي


نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس.


آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛


پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،


پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


۽ سمرنہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جيڪو اول ۽ آخر آهي، ۽ جو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ