Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن اهي جيڪي بني اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ جلاوطنيءَ مان موٽي آيلن جي انهيءَ گناهہ جي ڪري مون وٽ اچي گڏ ٿيا. آءٌ شام جي قربانيءَ تائين پريشان رهيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي نسبت ۾ ڇالاءِ جو تنهنجي دل نرم هئي، ۽ تو هن هنڌ جي برخلاف ۽ اتي جي رهندڙن جي برخلاف سندس ڪلام ٻڌو، ۽ تو پاڻ کي نماڻو ڪيو ۽ منهنجي اڳيان عاجزي ڪئي اٿيئي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي اڳيان رُنو اٿيئي؛ تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.


منهنجن اکين مان پاڻيءَ جون نديون پيون وهن، ڇو جو هو تنهنجيءَ شريعت تي عمل نٿا ڪن.


هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج.


۽ ٻيو گهٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج، ۽ انهي سان گڏ بہ صبح وانگر کائڻ ۽ پيئڻ جي قرباني ڪج، انهي لاءِ تہ چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ اهي سڀ شيون منهنجن هٿن جوڙيون آهن، ۽ انهيءَ طرح هستيءَ ۾ آيون آهن: پر آءٌ اُنهيءَ ماڻهوءَ تي نظر ڪندس جو غريب ۽ پشيمان روح وارو آهي ۽ منهنجي ڪلام کان ڏڪي ٿو.


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.


هائو، اڃا مون دعا پئي گهري تہ اُهو شخص جبرائيل، جنهن کي شروعات ۾ مون رويا ۾ ڏٺو هو، سو تکو اُڏامندو، اٽڪل شام جي نذراني ڏيڻ وقت، آيو ۽ اچي مون کي هٿ لاتائين.


۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.


هاڻي پطرس ۽ يوحنا گڏجي ٽئين پهر جي نماز جي مهل هيڪل ڏانهن پئي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ