Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 9:13 - Sindhi Bible

13 ۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 9:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جي ابن ڏاڏن ڪين ائين ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي هيءَ سڀ خرابي آندي؟ اڃا بہ سبت جي ڏينهن پليت ڪرڻ سان اوهين اسرائيل تي وڌيڪ ڪاوڙ ٿا آڻيو.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


۽ پنهنجي حڪمت جا ڳجهہ توکي ڏيکاري تہ اها پوري طرح ڪم ڪرڻ ۾ گهڻن قسمن جي آهي! تنهنڪري ڄاڻ تہ جيترو حساب تنهنجي ڏوهہ جو لائق آهي تنهن کان گهٽ خدا توکان وٺي ٿو.


هن اسان جي گناهن موافق اسان سان هلت ڪين ڪئي آهي، نڪي اسان جين خطائن موجب اسان کي بدلو ڏنو اٿس.


اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.


اوهان هيتريون تڪليفون اجايون سَٺيون ڇا؟ بشرطيڪ اهي سچ پچ اجايون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ