Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:36 - Sindhi Bible

36 ۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 هنن شهنشاهہ جا حڪم‌ناما سندس نائبن ۽ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن گورنرن کي پهچائي ڏنا، جنهن کان پوءِ هنن پوري قوم ۽ خدا جي گھر جي مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:36
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن نديءَ جي هن ڀر جي واليءَ تتنيءَ، ۽ شستربوزني، ۽ انهن جي سنگتين ڪوشش ڪري ائين ڪيو، ڇالاءِ جو دارا بادشاهہ اهڙو حڪم موڪليو هون.


تنهن کانسواءِ مون بادشاهہ کي چيو، تہ بادشاهہ مهرباني فرمائي مون کي نديءَ جي هن ڀر وارن حاڪمن ڏانهن پروانا ڏئي، تہ هو مون کي لنگهڻ ڏين، جيستائين ڪ آءٌ يهوداہ ۾ وڃي پهچان؛


تڏهن پهرين مهيني جي تيرهين تاريخ بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا، ۽ جيئن هامان حڪم ڏنو تيئن بادشاهہ جي نائبن ۽ سڀني پرڳڻن جي والين ۽ سڀني قومن جي سردارن ڏانهن لکيو ويو؛ سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن اُن جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن ان جي ٻوليءَ ۾؛ اُهو بادشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيو ويو، ۽ انهيءَ تي بادشاهہ جي منڊيءَ سان مهر ڪئي ويئي.


۽ پرڳڻن جي سڀني سردارن، ۽ نائبن، ۽ والين، ۽ بادشاهہ جي ڪامورن يهودين کي مدد ڏني؛ ڇالاءِ جو مردڪئيءَ جو خوف مٿن پيل هو.


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:


پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ